ٽائيگر 3 صديءَ جي واهيات فلم قرار

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان، ڪترينا ڪيف ۽ عمران هاشمي جي مک ڪردارن سان منيش شرما جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم ٽائيگر ٿري سڄي دنيا ۾ رليز ڪئي وئي آهي.

فلم جي حوالي سان مداح پرجوش آهن پر مشهور فلمي تجزيي نگار ڪمال راشد فلم تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

ٽويٽر تي خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته فلم صديءَ جي واهيات فلم قرار ڏيندي پروڊيوسر خلاف ڪنزيومر ڪورٽ وڃڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي.

هن پروڊيوسر کي مخاطب ڪندي چيو ته جيڪڏهن کيس پاڪستان جي سياست تي فلم ٺاهڻي هئي ته کيس پاڪستاني فلم ٺاهڻ گهرجي ها ڀارتي نه.

هن وڌيڪ چيو ته فلم کي ڏسي هن جو وقت ۽ انرجي ضايع ٿي آهي ان لاءِ ه ڪنزيومر ڪورٽ ۾ ڪيس ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.