سلمان خان جي فلم ”ٽائيگر 3“ رليز ٿيندي ئي ڇانئجي وئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان ۽ ڪترينا ڪيف جي ايڪشن سان ڀرپور فلم ”ٽائيگر 3“ رليز ٿيندي ئي ڇانئجي وئي.
منيش شرما جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم ٽائيگر 3 کي اڄ ڏياري جي موقعي تي ٽن ٻولين هندي، تامل ۽ تيلگو ۾ رليز ڪيو ويو آهي.
فلم ۾ سلمان خان جاسوس جو ڪردار نڀايو آهي، جڏهن ته ڪترينا ڪيف به جاسوس جي ڪردار ۾ نظر آئي آهي، جڏهن ته عمران هاشمي فلم ۾ ولن جو ڪردار نڀايو آهي.
ٿرلر ايڪشن فلم ۾ شاهه رخ خان ۽ ريٿڪ روشن به مختصر ڪردارن ۾ نظر آيا آهن.
سلمان خان جي فلم رليز جي پهرئين ئي ڏينهن ڇائنجي وئي آهي ۽ شوقين ان کي ڏاڍو پسند ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.