ورلڊ ۾ رانديگر تيار ڪري موڪليا ويندا آهن، تيار ڪرڻ لاءِ نه: محمد عامر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر محمد عامر ورلڊ ڪپ ۾ خراب ڪارڪردگي تي پاڪستان ٽيم تي تنقيد ڪئي آهي.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي محمد عامر چيو ته ورلڊ ڪپ وڏو ايونٽ هوندو آهي، ان ۾ سدائين تيار رانديگر موڪليا ويندا آهن، رانديگرن کي تيار ڪرڻ لاءِ ناهي موڪليو ويندو.
هن چيو ته سڀني ٽيمن جو ٽاسڪ ورلڊ ڪپ کٽڻ هوندو آهي، ٽورنامينٽ ۾ ڪا هڪڙي ٽيم ٻڌايو، جنهن ۾ ڪو رانديگر تيار ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو هجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.