ڊينگيءَ جا سڀ کان وڌيڪ ڪيس ڪراچي ۾ رپورٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هيلٿ ڊپارٽمينٽ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب ڊينگي جا سڀ کان وڌيڪ ڪيس ڪراچي ۾ رپورٽ ٿيا آهن.
نومبر ۾ ڪراچي ۾ رپورٽ ٿيندڙ ڊينگي جي ڪيسن جو انگ 1590 آهي.
انگن اکرن موجب ڏکڻ ضلعي ۾ 307، اولهه ۾ 36، اوڀر ۾ 649، وچ ضلعي ۾ 256، ملير ۾ 91، ڪورنگي ۾ 138 ۽ ڪياماڙي ۾ 38 ڪيس رپورٽ ٿيا.
انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته حيدرآباد ڊويزن ۾ 457، سکر ڊويزن ۾ 27، لاڙڪاڻي ۾ 35، ميرپورخاص ۾ 80 ۽ شهيد بينظير آباد ۾ 16 ڪيس رپورٽ ٿيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.