صدر ڪنهن هڪ جماعت جو ترجمان نه بڻجي، آئيني عهدي جو خيال رکي: نگران حڪومت

لاهور (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات بابت نگران وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته صدر عارف علوي ڪنهن هڪ جماعت جو ترجمان نه بڻجي، کيس درخواست آهي ته هو آئيني عهدي جو خيال رکي.
هڪ تقريب دوران ڳالهائيندي مرتضيٰ سولنگي چيو ته 8 فيبروري 2024 ۾ عام چونڊون ٿينديون ۽ ايندڙ حڪومت لاءِ ضروري آهي ته اها پاليسي کي جاري رکي.
هن چيو ته نگران حڪومت آئين ۽ قانون موجب اليڪشن ڪميشن سان گڏ آهي، يقين آهي ته 30 نومبر کانپوءِ شيڊيول جو به اعلان ٿي ويندو.
سندس چوڻ هو ته جمهوريت قبرستان ناهي، آواز ايندا آهن ۽ گوڙ به ٿيندو آهي، خدشا جمهوريت جو حصو آهي، تنهن ڪري پريشان نه ٿيڻ گهرجي، شڪايت ڪرڻ ماڻهن ۽ جماعتن جو حق آهي، انهن کي عوام سامهون اچڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.