ڪراچي: اهم سياسي شخصيت جي لگزري گاڏي پڪڙي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪسٽمز انٽيليجنس ڪارروائي ڪندي ڪروڙين رپين جي نان ڪسٽم پيڊ گاڏي برآمد ڪري ورتي.
اختيارين موجب ڪراچي ۾ ڪسٽم انٽيليجنس اهم سياسي شخصيت جي نان ڪسٽم پيڊ گاڏي پڪڙي ورتي.
ڪسٽم انٽيليجنس رات دير سان ڪلفٽن ۾ ڪارروائي ڪري بلٽ پروف گاڏي پڪتي، بلٽ پروف گاڏي بلوچستان جي اهم سياسي شخصيت جو پٽ هلائي رهيو هو.
ڪسٽم انٽيليجنس اختيارين جو چوڻ آهي ته نان ڪسٽم پيڊ بلٽ پروف گاڏي ضبط ڪري ڪسٽم هائوس منتقل ڪئي وئي.
ڪلفٽن مان 2017 ماڊل جي ضبط ٿيل لگزري گاڏي هڪ پرڏيهي شخصيت پاڪستان آندي هئي، شڪار جي نالي تي آندل گاڏي لاڳو ڪسٽمز ڊيوٽي ۽ ٽيڪسز ادائيگي کان عارضي طور آجي هئي.
عارضي مدي لاءِ آندل گاڏي مبينا طور تي واپس وڃڻ تائين بااثر سردار جي استعمال هيٺ هئي، ايف بي آر جي اجازت سان ڪسٽمز ڊيوٽي ۽ ٽيڪسز ادائيگي بنا گاڏي ٽرانسفر يا وڪرو ڪرڻ تي پابندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.