عوام خدمت ڪندڙن کي سڃاڻي ٿو، سڄي ملڪ ۾ شاندار سوئيپ ڪنداسين: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ چيو آهي ته چونڊن ۾ اسان جو مقابلو ڪندڙن کي ايڊوانس ۾ ناڪامي جي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو.
پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته ن ليگ کي سدائين چونڊن جي موقعي تي سنڌ ياد ايندي آهي، اقتدار ۾ هوندي انهن کي سنڌ جو خيال ناهي ايندو، اهي هر ڀيري سنڌ ۾ پ پ خلاف اتحاد ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، سنڌ ۾ برسات جي موقعي تي ايندڙ سدائين ناڪام موٽي ويندا آهن.
هن چيو ته سنڌ جو عوام خدمت ڪندڙن کي سڃاڻي ٿو، هن ڀيري رڳو سنڌ نه پر پنجاب ۾ به مقابلو ٿيندو، پ پ ڀرپور طاقت جو مظاهرو ڪندي، اسان خلاف اتحاد ٺاهيندڙن کي تاريخي شڪست ٿيندي، سڄي پاڪستان ۾ شاندار سوئيپ ڪنداسين.
سندس چوڻ هو ته 2024 پ پ جو سال آهي، اسان جو وزيراعظم ايندو، عوام ڏسي رهيو آهي ته ڪهڙي پارٽي آهي، جنهن ڏاڍ برداشت ڪيو ۽ ملڪ نه ڇڏيو.
شرجيل ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ ملڪ جو بُرو حال ڪيو، سڀني کان منافق شخص پي ٽي آءِ چيئرمين آهي، اسلامي ٽچ جون ڳالهيون ڪندڙ پي ٽي آءِ چيئرمين ڪاڏي ويو، هن ملڪ تي پي ٽي آءِ چيئرمين جهڙا ماڻهو ٿاڦيا ويا، نٿا چاهيون ته اهڙا ماڻهو 2024 ۾ به ٿاڦيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.