جسٽس رٽائرڊ ارشد حسين شاهه خيبر پختونخواهه جو نگران وڏو وزير مقرر

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي گورنر غلام علي جي منظوري کانپوءِ جسٽس رٽائرد ارشد حسين شاهه ڪي پي جو نگران وڏو وزير مقرر ٿي ويو.
نگران وڏي وزير جي نالي تي مشاورت لاءِ سي ايم هائوس ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اڳوڻو وڏو وزير محمود خان ۽ اڳوڻو اپوزيشن ليڊر اڪرم دراني شريڪ ٿيا.
ذريعن موجب جسٽس رٽائرڊ ارشد حسين جو نالو اڳوڻي اپوزيشن ليڊر اڪرم دراني تجويز ڪيو، جنهن کي گڏيل طور منظور ڪيو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس رٽائرڊ ارشد حسين جو نالو منظوري لاءِ گورنر کي موڪليو ويو، گورنر جي صحيحن کانپوءِ جسٽس رٽائرڊ ارشد حسين شاهه ڪي پي جو نگران وڏو وزير مقرر ٿي ويو.
جسٽس رٽائرڊ ارشد حسين شاهه جو واسطو ايبٽ آباد سان آهي، هو چيف جسٽس سپريم ايپليٽ ڪورٽ گلگت بلتستان رهي چڪو آهي ۽ خيبر پختونخواهه جي نگران ڪابينا جو به حصو هو.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڪي پي جو نگران وڏو زوير اعظم خان دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.