”شايد صبح تائين اسان سڀ مارجي وڃون“ الشفا اسپتال سربراهه جو پيغام ٻڌي برطانوي ڊاڪٽرن روئي ڏنو

عزا جي اسپتالن تي اسرائيلي بمباري روڪڻ لاءِ ٿيندڙ احتجاج دوران برطانوي ڊاڪٽرياڻي الشفا اسپتال جي ڊائريڪٽر جو پيغام ٻڌي روئي ڏنو.
اسرائيلي فوج غزا ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اسپتالن کي نشانو بڻايو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻارن سميت ڪيترائي فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن.
اسپتالن تي بمباري روڪڻ لاءِ برطانيا جا ڊاڪٽر به ميدان ۾ اچي ويا ۽ هنن برطانوي وزيراعظم رشي سونڪ جي آفيس ٻاهران احتجاج ڪندي کانئس بمباري روڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
ان ئي دوران هڪ تمام جذباتي منظر ڏسڻ ۾ آيو، احتجاج ۾ موجود هڪ ڊاڪٽرياڻي الشفا اسپتال جي ڊائريڪٽر جو ميسيج پڙهي ٻڌائڻ چاهيو پر ڏکارو ميسيج پڙهي هوءَ سڀني اڳيان جذبن تي قابو نه رکي سگهي ۽ اسرائيلي ظلم تي سندس اکيون ڀرجي آيون.
همت ڪري هن پيغام پڙهي ٻڌايو، جنهن ۾ لکيل هو ته ”اسان ميڊيڪل اسٽاف جيئرا رهڻ چاهيون ٿا پر اسان نٿا رهي سگهون ۽ ٿي سگهي ٿو ته صبح تائين اسان مارجي وڃون، اسان هتي قتل نٿا ٿيڻ چاهيون، پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ چاهيون ٿا، مهرباني ڪري توهان اسان لاءِ ڪجهه ڪيو، جيترو ٿي سگهي پنهنجي حڪومت سان ڳالهايو، عالمي ادارن کي مدد لاءِ چئو.
ڊاڪٽرياڻي جي اها وڊيو عالمي ميڊيا سان گڏ سوشل ميڊيا تي به وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ ان سان گڏ ٻين ڊاڪٽرن کي به روئندو ڏسي سگهجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.