افغانين جي ملڪ مان بي دخلي خلاف درخواست واپس

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ افغانين جي بي دخلي خلاف درخواست اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي.

سپريم ڪورٽ رجسٽرار طرفان فرحت الله بابر جي درخواست کي اعتراض سان گڏ واپس ڪيو ويو آهي.

عدالت عظميٰ اعتراض لاڳو ڪيو آهي ته آئيني درخواست ۾ عام مفاد بابت ڪا نشاندهي ناهي ڪئي وئي، اهو معاملو انساني حقن جي زمري ۾ نٿو اچي.

اعتراض ۾ چيو ويو آهي ته درخواست گذار ان کان اڳ ڪنهن لاڳاپيل فورم سان رابطو نه ڪيو، ان درخواست کي داخل ڪرڻ جا ڪي ٺوس ڪارڻ به ظاهر نه ڪيا ويا.

سپريم ڪورٽ رجسٽرار اعتراض ڪيو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 248 تحت قائم مقام وزيراعظم ۽ قائم مقام وڏن وزيرن کي ڌر نٿو بڻائي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.