ڪچرو ميڙيندڙ کي 30 لک ڊالر هٿ اچي ويا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي شهر بنگلورو ۾ ريلوي ٽريڪ جي ڀرسان هڪ مچرو ميڙيندڙ کي 3 ملين ڊالر مليا پر بعد ۾ خبر پئي ته هو وڌيڪ امير ٿيندي ٿيندي رهجي ويو.

ميڊيا رپورٽن موجب پوليس جي هڪ سينيئر آفيسر هٿ آيل نوٽن جو حوالو ڏيندي چيو ته تصديق ڪرڻ تي اهي نوٽ جعلي نڪتا، جيڪي پرنٽ يا فوٽو ڪاپي هئا.

پوليس اڻڄاتل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 3 نومبر تي اولهه بنگال جي ناديا ضلعي جو رهواسي 39 سالن جو سليمان، بنگلورو ۾ ڪچرو ميري رهيو هو ته هن ناگوارا ريلوي اسٽيشن جي ويجهو ڪاغذ ۾ ويڙهيل آمريڪي ڊالرن جا 23 بنڊل ڏٺا.

سليمان آچر تي سماجي ڪارڪن ۽ سوراج انڊيا جي قومي ايگزيڪيوٽو ميمبر ڪليم الله سان رابطو ڪيو، جنهن بنگلورو سٽي پوليس ڪمشنر بي ديانند سان ملڻ کانپوءِ ڪرنسي نوٽس پوليس حوالي ڪيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.