غزا ۾ رتوڇاڻ روڪرائڻ جي ذميواري سلامتي ڪائونسل تي آهي: وزيراعظم

 

رياض (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ غزا جي صورتحال تي سعودي عرب ۾ او آءِ سي ۽ عرب ليگ جي غير معمولي گڏيل اجلاس سان خطاب ڪندي چيو آهي ته ڌار فلسطيني رياست ئي مسئلي جو اڪيلو حل آهي، غزا ۾ قتل عام روڪرائڻ جي ذميواري سلامتي ڪائونسل تي لاڳو ٿئي ٿئي.

پهنجي خطاب ۾ انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته 70 سال اڳ گڏيل قومن ٺهراءَ ذريعي فلسطين مسئلي جي حل جو فيصلو ڪيو، غزا ۾ فلسطينين جو قتل عام روڪيو وڃي، ناانصافي ۽ معصوم شهرين جي قتل عام سان تڪرار وڌندو.

هن چيو ته اسرائيلي بمباري سان اسپتالون، اسڪول، يو اين آفيسون به محفوظ ناهن، غزا ۾ اسرائيلي ظلمن جي ڀرپور مذمت ڪيان ٿو، پاڪستان 1967 جي سرحدن موجب فلسطين رياست جي قيام جو حامي آهي.

سندس چوڻ هو ته غزا ۾ فوري طور انساني همدردي تحت امداد جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، عالمي برادري اسرائيل جي جنگي ڏوهن تي ان جو گهيرو تنگ ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.