ڊالر جي اوچي اڏام جاري، هلندڙ هفتي ڪيترو مهانگو ٿيو؟

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هلندڙ هفتي پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جو اگهه وڌندو رهيو ۽ ڊالر 288 رپين جي سطح تي پهچي ويو.

آمريڪي ڊالر ۽ ٻين ڪرنسين جي حوالي سان هفتيوار رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هلندڙ هفتي رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر ۽ ٻيون ڪرنسيون مهانگيون ٿيون.

هڪ هفتي ۾ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 2 رپيا 72 پئسا مهانگو ٿيو ۽ ڊالر 284 رپين 31 پئسن مان وڌي 287 رپين 3 پئسن تي بند ٿيو.

هڪ هفتي ۾ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 3 رپيا مهانگو ٿي 285 رپين مان 288 رپين ۾ وڪرو ٿيو.

ڊالر ۾ واڌ سان گڏ يورو، پائونڊ، سعودي، درهم به مهانگو ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.