گم ٿيل شهرين بابت ڪيس، عدالت حراستي مرڪزن ۾قيد شهرين جي فهرست گهري ورتي

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نينگري زينب  سميت چئن گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڪيسن تي ٻڌڻي ٿي. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي.جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو رمارڪس ۾ چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي وارٽن جي دادرسي ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي.گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي جي لاءِ جديد طريقي ڪار استعمال ڪيو وڃي، عدالت ڊسمبر جي ٻئي هفتي ۾ پوليس ،گهروکاتو ۽ وفاقي حڪومت کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.عدالت سموري ملڪ جي حراستي مرڪزن ۾ قيد شهرين جي فهرست طلب ڪري ورتي آهي. عدالت ۾ سرڪاري وڪيل چيو ته نينگري زينب جي ڳولا جاري آهي جڏهن ته يوسف، وقاص ۽ صائم علي جي بازيابي لاءِ ڪوششون جاري آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.