ڪانگو وائرس ۾ مبتلا هڪ ٻيو مريض بلوچستان مان ڪراچي منتقل

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪانگو وائرس ۾ مبتلا هڪ وڌيڪ مريض کي بلوچستان مان ڪراچي منتقل ڪيو ويو. سنڌ جي صحت کاتي جي  ترجمان موجب مريض کي سنڌ انسٽيٽيوٽ آف انفيڪشن ڊيزيز ۾ ڪانگو وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب ڊاڪٽرن ٻڌايو ته مريض جي حالت ٺيڪ ناهي، جنهن لاءِ ڊاڪٽر ڪوششون ڪري رهيا آهن، جڏهن ته مريض کي وينٽيليٽر تي منتقل ڪرڻ جو خدشو آهي. ترجمان موجب ڪانگو وائرس جا 17 ڪيس بلوچستان مان ڪراچي منتقل ٿيا، 16 مريض خانگي اسپتالن ۾ داخل ڪيا ويا، جن مان 2 کي ڊسچارج ڪيو ويو آهي. صحت کاتي جو چوڻ آهي ته ان کان سواءِ نيپا جي وبائي بيمارين جي اسپتال ۾ به هڪ مريض علاج هيٺ هو، جنهن کي اڄ بلوچستان مان علاج لاءِ آندو ويو هو. بلوچستان مان ڪراچي منتقل ٿيل 3 مريض فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته ڪراچي جي اوڀر ضلعي مان به هڪ ڪيس سامهون آيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.