کاڌا ۽ خوراڪ ته سڀ ڪنهن کي پسند هوندا آهن، سڀ ڪو چاهيندو آهي ته اهڙيون شيون کائي جيڪي نه رڳو ذائقي ۾ وڻندڙ هجن پر اهي صحت لاءِ پڻ فائديمند هجن، ڇو ته صحت قدرت جي هڪ نعمت آهي ان جو خيال نه ڪجي ته ماڻهوءَ جي زندگي اڌوري بڻجي وڃي ٿي.
اڄ اسان اهڙي گهرج کي نظر ۾ رکندي هڪ اهڙي خوراڪ آندي آهي جيڪا نه رڳو کائڻ ۾ وڻندڙ پر صحت جي به ڪيترن ئي فائدن واري آهي، اهم ڳالهه ته اها لڏو جي صورت ۾ هجڻ ڪري ننڍي ٻارن کي به شوق سان کارائي سگهجي ٿي. جيڪا آهي السيءَ جا لڏو.