موبائل اڄڪلهه هر گهر ۽ هر ماڻهوءَ جي ضرورت بڻجي وئي آهي، موبائل فون کانسواءِ ماڻهو پاڻ کي اڌورو سمجهندا آهن ائين ٿي ئي نٿو سگهي ته اڄوڪي دور ۾ ڪنهن وٽ موبائل نه هجي، هونئن ته موبائل جو بنيادي ڪم هڪٻئي سان رابطي ۾ رهڻ آهي پر انٽرنيٽ جي سهولت ڪمپيوٽر مان نڪري موبائل تي پهچڻ کانپوءِ ان جو استعمال تمام گهڻو وڌي ويو آهي، خاص ڪري مختلف سوشل ميڊيا ايپ ماڻهن جي مجبوري بڻجي ويون آهن، اهو ئي سبب آهي ته ڪيترن ئي ماڻهن کي رات جو سمهڻ کان اڳ ڪلاڪن جا ڪلاڪ موبائل استعمال ڪرڻ جي عادت پئجي وئي آهي، پر ڇا توهان کي خبر آهي ته ان عادت جي ڪري توهان کي ڪهڙا چار وڏا نقصان ٿين ٿا.