تندور وارن سڀاڻي کان هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) تندور ايسوسيئيشن 10 نومبر کان ڪوئيٽا ۾ هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو.
تندور ايسوسيئيشن جي چيئرمين نعيم خلجي موجب غير قانوني پرڏيهين جي واپسي جي سلسلي ۾ تندور وارن کي تنگ ڪيو پيو وڃي، مهاجر ڪارڊ رکندڙ پناهگيرن کي به تنگ ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته شهر ۾ 300 تندور بند ٿي چڪا آهن، سڀاڻي ڪوئيٽا جا سمورا تندور بند ڪرڻ جو اعلان ڪيون ٿا، مطالبا نه مڃيا ويا ته احتجاج جو سلسلو جاري رکنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.