ليه (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي ضلعي ليه ۾ اٺين ٿل جيپ ريلي ۾ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه جي پٽ جي گاڏي سان حادثو پيش آيو آهي.
پوليس موجب ٽريڪ جو جائزو وٺڻ دوران مڊ پوائنٽ چوبارا کان 10 ڪلو ميٽر پري جيپ اونڌي ٿي، جنهن ۾ مراد علي شاهه جو پٽ ظهير شيراز شاهه ۽ ساٿي علي حسين شاهه زخمي ٿي پيا.
پوليس ٻڌايو ته زخمين کي ملتان جي نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو، مراد علي شاهه جو پٽ جيپ ريلي ۾ شرڪت لاءِ آيل آهي.
You might also like