ڪنهن به گهر ۾ ڪِرڙين جو هجڻ هڪ عام ڳالهه آهي پر ان جي موجودگي سان اڪثر عورتون خوف محسوس ڪنديون آهن.
ڪرڙي هڪ اهڙو جانور آهي، جيڪو عورتن کي ڪنهن به صورت ۾ پسند ناهي ايندو ۽ کين ڊيڄاريندو آهي.
ته ڇا توهان جي گهر جي ڀتين تي به ڪرڙيون گهمندي نظر اينديون آهن؟ ۽ انهن مان جان ڪيئن ڇڏائجي؟
جيڪڏهن توهان ڪرڙين کي پنهنجي گهر مان ڀڄائڻ چاهيو ٿا ته هي طريقا آزمايو.
پکين جا پَر
ڪرڙين پکين کان ڊڄنديون آهن، جنهن جو ڪارڻ اهو آهي ته پکي انهن کي کائيندا آهن، جيڪڏهن توهان گهر ۾ پکين جا پَر ٽنگي ڇڏيو ته ڪرڙيون اهو ئي سمجهنديون ته پکي ڪٿي ڀرپاسي ۾ موجود آهن ۽ اتان ڀڄي وينديون، خاص طور تي ماڻهو گهر ۾ مور جا پر ڀتين سان لڳائيندا آهن، جيڪي ڏسڻ ۾ به وڻندڙ هوندا آهن ۽ ڪرڙين مان به ڇوٽڪارو ملي ويندو آهي.
بيضي جون کلون
اڳتي جڏهن به بيضو پچايو ته ان جي کَل اڇلايو نه پر ان کي ڪچن ۾ ڪنهن اهڙي جاءِ تي رکي ڇڏيو، جتي ڪرڙيون اينديون هجن، بيضن جي کلن جي بوءِ انهن کي سٺي ناهي لڳندي ۽ اهي انهن کان پري ڀڄنديون آهن.
ٿوم
توهان کي اهو ڄاڻي خوشي ٿيندي ته ٿوم به گهر مان ڪرڙين کي ڀڄائي سگهي ٿي، اهڙيون جايون جتي ڪرڙين جي اچڻ جا امڪان هجن اتي ٿوم ٽنگي ڇڏيو، ڪرڙيون ڪڏهن به اتي نظر نه اينديون.