انسٽاگرام واهپيدارن لاءِ خوشخبري

مشهور وڊيو ۽ فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام جلد واهپيدارن لاءِ نئون فيچر متعارف ڪرائي رهي آهي.
انسٽاگرام طرفان اهڙي فيچر جي آزمائش ڪئي ويندي جنهن سان واهپيدرن کي انسٽاگرام جا ميسيجز (ڊي ايمز) پڙهڻ جو نوٽيفڪيسن بند (turn off read receipts) ڪرڻ جو آپشن دستياب هوندو.
ان فيچر جي ڪري جيڪڏهن اوهان ڪنهن جو پيغام پڙهيو هوندو ته اهو پيغام هيٺ سين ليبل نه ڏيکاريندو.
ماڪر زڪربرگ ۽ ايڊم موسيري ٻنهي پنهنجي براڊ ڪاسٽ چينلز تي ان نئين فيچر جو اعلان ڪيو آهي.
ايڊي موسيري ان فيچر جو اعلان ڪندي چيو ته اسان اوهان جي راءِ ٻڌي آهي ۽ نئين فيچر جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي جيڪو اوهان کي پنهنجي ڊيم ايمز ۾ پڙهڻ جو آپشن جو بند ڪرڻ جي سهولت ڏيندو. جلد ماڻهو ان فيچر کي استعمال ڪرڻ جوڳا ٿي ويندا.
انسٽاگرام طرفان سڌي ريت پيغامن لاءِ پرائيويسي اينڊ سيفٽي مينو جو اسڪرين شاٽ به پوسٽ ڪيو ويو آهي. اوهان چيٽ تحت پروفائيل جي نالي تي ڪلڪ ڪري ان مينو تائين پهچي حاصل ڪري سگھو ٿا.
ان کان پوءِ ’Who can see your activity‘ سيڪشن تحت اوهان ’turn off read receipts‘کي ڪلڪ ڪري سگھو ٿا ۽ اهو فيچر ايڪٽو ڪري سگھو ٿا.
ميٽا طرفان ان فيچر جي دستيابي جي تاريخ بابت اعلان ناهي ڪيو ويو.


پر انسٽاگرام ان فيچرکي متعارف ڪرائڻ ۾ گھڻي دير ڪري ڇڏي آهي ڇو جو واٽس ايپ 2014ع ۾ ئي ان فيچر کي لانچ ڪري ڇڏيو هو.
ڪمپني ميسينجر لاءِ ان فيچر جي رول آئوٽ کي مڪمل ڪرڻ بعد انسٽاگرام ڊي ايمز لاءِ ’default end-to-end encryption protection‘شروع ڪرڻ جو به ارادو رکي ٿي.
هلندڙ سال آگسٽ ۾ ميٽا جو چوڻ هو ته ڪمپني جو مقصد سال جي آخر تائين ميسينجر تي ’end-to-end encryption by default‘ کي فعال ڪرڻ جو ڪم پڄاڻي تائين پهچي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.