ڪشمور ۾ مائن ڌماڪي سان ڦاٽي پئي، مينهن مري وئي، تخريبڪاري جو خدشو

ڪشمور (ويب ڊيسڪ) ڪشمور ۾ مائن ڌماڪي سان ڦاٽي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ مينهن مري وئي.
پوليس موجب آر ڊي 109 ٿاڻي جي حدن ۾ ڳوٺ عبدالعزيز جکراڻي ۾ مائن ڌماڪي سان ڦاٽي پئي، واقعي ۾ هڪ مينهن مري وئي ۽ ٽريڪٽر تباهه ٿي ويو.
پوليس ٻڌايو ته علائقي ۾ جکراڻي ۽ چاڪراڻي برادري ۾ پراڻو خوني تڪرار هلي رهيو آهي، ٿي سگهي ٿو ته ڌماڪو ان جي ڪڙي هجي.
پوليس موجب بم ڊسپوزل اسڪواڊ طلب ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ وڌيڪ خبر پوندي، جڏهن ته ڪشمور ۾ تخريبڪاري جي امڪان کي به رد نٿو ڪري سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.