ڀارت ۾ جاري آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارتي بالرن جي لاجواب ڪارڪردگيءَ جا جتي سڄي دنيا ۾ چرچا آهن اتي سوشل ميڊيا تي ڀارتي ٽيم، بي سي سي آءِ ۽ آءِ سي سي مٿان ڪيئي الزام پڻ لڳي رهيا آهن.
پر ان ڏس ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽار بالر محمد شامي به اڳوڻي پاڪستاني ڪرڪيٽر حسن رضا جي آءِ سي سي ۽ بي سي سي آءِ تي جانبداري جي الزامن تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ نجي ٽي وي چئنل جي هڪ پروگرام ۾ گفتگو ڪندي اڳوڻي پاڪستاني ڪرڪيٽر حسن رضا چيو هو ته عالمي ڪپ دوران ڀارتي ٽيم بهترين بيٽنگ ڪري رهي آهي پر جڏهن ڀارتي ٽيم بالنگ ڪندي آهي تڏهن مبينا طور بال مٽجي ويندوآهي ان کانسواءِ ڊي آر ايس ٽيڪنالاجي گهڻي قدر سندن حق ۾ هوندي آهي.
حسن رضا جو چوڻ هو ته سراج ۽ محمد شامي جهڙي طرح بال کي سوئنگ ڪري رهيا آهن ائين لڳي رهيو آهي ته کين آءِ سي سي يا بي سي سي آءِ پاران ٻي اننگز ۾ مختلف ۽ شڪي بال ڏنو پيو وڃي، بال جو معائنو ڪرڻ جي ضرورت آهي.
حسن رضا جي بيان کانپوءِ هڪ پروگرام دوران سوئنگ جي سلطان وسيم اڪرم تبصرو ڪندي سندس بيان کي غلط قرار ڏنو هو.
وسيم اڪرم حسن رضا جي بيان جي جواب ۾ چيو ته اِهي سڀ ڳالهيون کِل جوڳيون آهن، اهڙيون ڳالهيون ڪري پنهنجي بي عزتي ته سڄي دنيا ۾ ڪرايو ٿا اسان جي ته عزت رکو.
وسيم اڪرم اِهو به چيو ته ميچ ۾ امپائر ۽ ميچ ريفري جو انتهائي اهم ڪردار هوندو آهي ۽ هو بال جي مسلسل نگراني ڪندا رهندا آهن ائين ممڪن ئي نه آهي.
ڀارتي بالر محمد شامي حسن رضا جي وائرل ڪلپ جي وڊيو انسٽاگرام جي اسٽوري تي شيئر ڪئي ۽ لکيو ته ” شرم ڪيو، بي سبب ڳالهين بدران راند تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ڪڏهن ته ٻين جي ڪاميابي مان لطف اندوز ٿيو، هي آءِ سي سي جي ٽورنامينٽ آهي ڪو لوڪل ايونٽ ناهي اوهان ڪرڪيٽر ئي آهيو نه؟ .
Insta story of Shami😭😭😭😭 pic.twitter.com/28O1EiZEJ3
— 𝐊𝐨𝐡𝐥𝐢𝐧𝐚𝐭!𝟎𝐧_👑🚩 (@bholination) November 8, 2023
شامي وڌيڪ چيو ته وسيم اڪرم سمجهايو آهي ڇا وسيم اڪرم تي به يقين ناهي اوهان کي؟ رڳو پنهنجي واهه ۾ واهه ۾ لڳا پيا آهيو.