ورلڊ ڪپ: سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ پاڪستان کي انگلينڊ کي ڪيئن هارائڻو پوندو؟

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ورلڊ ڪپ جي اهم ميچ ۾ نيوزيلينڊ سريلنڪا کي هارائي پنهنجو سيمي فائنل ۾ پهچڻ جو ڪيس مضبوط ڪري ڇڏيو جڏهن ته پاڪستان جون تمام اميدن تي ظاهري طور پاڻي هاري ڇڏيو آهي.

پاڪستان جي سيمي فائنل ۾ پهچڻ جو سڀ کان سولو طريقو اِهو هيو ته سريلنڪا نيوزيلينڊ کي هارائي پر پاڪستان شوقينن جي اِها خواهش پوري نه ٿي سگهي.

ڀارت، ڏکڻ آفريڪا ۽ آسٽريليا پهريان ئي ناڪ آئوٽ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪا آهن.

پر سريلنڪا خلاف نيوزيلينڊ وڏي مارجن تان فتح ماڻي پاڪستان ۽ افغانستان جو سيمي فائنل ۾ پهچڻ ناممڪن بڻائي ڇڏيو آهي.

ٻنهي ٽيمن کي سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ پنهنجي آخري ميچ تي کٽڻ ضروري آهي پر هاڻ گهٽ رن ريٽ سبب افغانستان ۽ پاڪستان ڏچي ۾ پئجي ويا آهن.

نيوزيلينڊ پنهنجي آخري گروپ ميچ کٽي 10 پوائنٽن سان پوائنٽ ٽيبل تي چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي.

افغانستان ۽ پاڪستان اٺ، اٺ پوائنٽن سان پنجين ۽ ڇهين نمبر تي موجود آهن.

افغانستان جي سڀاڻي ڏکڻ آفريڪا ۽ پاڪستان کي ڇنڇر تي انگلينڊ سان ميچ شيڊيولڊ آهي.

افغان ٽيم ۽ پاڪستان جو هاڻي آخري ميچ ۾ کٽڻ باوجود گهٽ رن ريٽ سبب ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ پهچڻ ظاهري طور ناممڪن ٿي ويو آهي.

پاڪستان سيمي فائنل ۾ ڪيئن پهچي سگهي ٿو؟

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي جيڪڏهن سيمي فائنل ۾ پهچڻو آهي ته ان کي انگلينڊ کي 287 رنسن جي مارجن تان شڪست ڏيڻي پوندي.

پاڪستان ٽيم انگلينڊ خلاف پهريان بيٽنگ ڪري ٽي سئو رنسون ٺاهيون ته انگلينڊ کي صرف 13 رنسن تي آئوٽ ڪرڻو پوندو.

۽ جيڪڏهن انگلينڊ پهريان بيٽنگ ڪري ته ان کي 50 رنسن تائين محدود ڪري پاڪستان کي 2.5 اوورن ۾ هدف مڪمل ڪرڻو پوندو جيڪو ظاهري طور ناممڪن نظر اچي رهيو آهي.

ٻئي پاسي افغانستان کي سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ ڏکڻ آفريڪا خلاف 428 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪرڻي پوندي جيڪو ظاهر طور ناممڪن آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.