هاڻي هڪ ئي ويزا تي سمورن نار ملڪن جو سفر ممڪن

ابوظهبي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن جي حڪومت سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ سياحتي ويزا فري سفر پروگرام شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪندي نار ملڪن لاءِ هڪ ئي ويزا جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
نار گھرو وزيرن عمان جي ميزباني ۾ پنهنجي 40 هين اجلاس ۾ سڄي نار لاءِ هڪ ئي سياحتي ويزا منصوبي جي مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
اجلاس ۾ نار ملڪن وچ ۾ ٽريفڪ جي ڀڃڪڙين کي اليڪٽرانڪ طور تي سلهاڙڻ جي منصوبي جي پهرين مرحلي جي شروعات جو به مشاهدو ڪيو ويو.
گڏيل عرب امارتن جي اقتصاديات وزير عبدالله المري جي هڪ بيان موجب نئين ويزا سندن حامين کي ان گڏيل سياحتي ويزا تي 6 ملڪن (سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن، ڪويت، عمان، قطر ۽ بحرين) جو دورو ڪرڻ جي جازت ڏيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.