ورلڊ ڪپ:سريلنڪا کي هارائي نيوزيلينڊ فائنل 4 لاءِ پنهنجو ڪيس مضبوط ڪري ڇڏيو

بئنگلورو ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ نيوزيلينڊ سريلنڪا کي پنج وڪيٽن تان شڪست ڏئي پنهنجي سيمي فئانل ۾ پهچڻ جو رستو انتهائي آسان ۽ پاڪستان جو ظاهري طور ناممڪن بڻائي ڇڏيو.
نيوزيلينڊ سريلنڪا جو 172 رنسن جو هدف 24 هين اوور ۾ پنج وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ٻه اهم پوائنٽون حاصل ڪري ورتيون ۽ سيمي فائنل پهچڻ لاءِ پنهنجو رستو آسان بڻائي ڇڏيو.
ڊيون ڪانوي 45، ڊيرل مچل 43، راچن رويندرا 42 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، ڪپتان ڪين وليمسن 14 ۽ مارڪ چيپمين چار رنسون ٺاهيون.
گلين فلپس 17 ۽ ٽام ليٿم 2 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.
نيوزيلينڊ جو پنهنجي آخري گروپ ميچ ۾ سريلنڪا خلاف ڪاميابي کانپوءِ سيمي فائنل ۾ پهچڻ انتهائي آسان ٿي ويو آهي.
ڀارت، ڏکڻ آفريڪا ۽ آسٽريليا پهريان ئي ناڪ آئوٽ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪا آهن.
قومي ڪرڪيٽ ٽيم جا شوقين اڄ دعا ڪري رهيا هئا ته سريلنڪا نيوزيلينڊ کي هارائي ته جيئن پاڪستان انگلينڊ کي شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پهچي وڃي پر ائين نه ٿي سگهيو.
ان کان اڳ نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا وچ ۾ اڄ ميچ بئنگلورو ۾ کيڏي وئي جتي نيوزيلينڊ سريلنڪا خلاف ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو.
سريلنڪن ٽيم 47 هين اوور ۾ 171 رنسن تي ڍير ٿي وئي، ڪوشل پريرا 51 رنسن جي اننگز کيڏي نمايان رهيو.
ان کانسواءِ ڌننجيا ڊي سلوا 19، انجيلو ميٿيوز 16 رنسون ٺاهيون جڏهن ته اسالنڪا 8، چاميڪا ڪارونارتني ۽ ڪوشل مينڊس 6،6 رنسون اسڪور ڪيون.
پاٿم نسانڪا ٻه، دشمنٿا چميرا ۽ سديرا وڪرما هڪ، هڪ رنسن ٺاهي سگهيا.
نيوزيلينڊ جي ٽرينٽ بولٽ ٽي، ليوڪي فرگوسن، مچل سينيٽنر ۽ راچن رويندرا ٻه، ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.
شاندار بالنگ تي ٽرينٽ بولٽ کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.