شڪ آ ته عمران خان کي جيل ۾ ”دوا“ ملي رهي آهي: راڻا ثناءُ الله

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي مون کي شڪ آهي ته عمران خان کي جيل ۾”دوا“ ملي رهي آهي.
لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته 9 مئي جي ٽولي کي ڪڍي پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، عمران خان کي ڏاچي جو کير ڏيو، ماکي، هرڻ جو گوشت يا ديسي ڪڪڙ ڏيو اسان کي اعتراض ناهي، مون کي شڪ آهي ته عمران خان کي جيل ۾ دوا ملي رهي آهي.
هن چيو اسان جو پي ٽي آءِ چيئرمين کان سوال آهي ته هو چوندو رهيو آهي جيل ۾ ڪا ڪلاس نه هجڻ گهرجي پر عمران خان جي اڊيالا جيل ۾ موجودگي ڏسو، جيڪي سهولتون ان کي ملي رهيون آهن، ڇا ٻين سان به ائين ٿيو؟
سندس چوڻ هو ته فرح گوگي کي واپس آڻڻ جو ملڪي ۽ پرڏيهي قانوني طريقي ڪار موجود آهي، ان تي جاچ ادارا ڪم ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.