تسليم ڪيان ٿو عدالتن ۾ غريبن جا ڪيس دير جو شڪار ٿين ٿا: جسٽس صلاح الدين پنهور

ڪراچي ( رپورٽر )  سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور چيو آهي ته اسڪولن ۽ اسپتالن جي اٿارٽي اسان آهيون ۽ اسان جا\ ٻار ئي  سرڪاري اسڪولن ۽ اسپتالن ۾ نٿا وڃن، سرڪاري اسپتالن جا ڊاڪٽر به خانگي اسپتالن مان علاج ڪرائن ٿا. قومي جڊيشل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته تسليم ڪيان ٿو عدالتن ۾ غريبن جا ڪيس جو شڪار ٿين ٿا، غريبن وٽ وڪيلن جي فيس جا پئسا به ناهن، وڪيلن کي سوچڻ گهرجي ته سندن ترجيحون ڪهڙيون آهن. خطاب ۾ جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته آن لائين ٽيڪسي واري سان ڀاڙي تي تڪرار ٿئي ٿو ته معاملو عدالت پهچي وڃي ٿو، زرعي ملڪ هجڻ باوجود زمينن جا معاملا ٿين ٿا ته هارين جو جج اسسٽنٽ ڪمشنر آهي.هن چيو ته  حيرت آهي ته هارين کي جڊيشري سسٽم ۾ آندو ئي نه ويو آهي. پنهنجي خطاب ۾ جسٽس صلاح الدين پنهور وڌيڪ چيو ته اسان وٽ ڪو مڪينزم ئي ناهي، هائوسنگ سوسائٽيز جو ڪو تصور ئي ناهي، 1920 واري ايڪٽ تحت هائوسنگ سوسائٽيز هلايون وڃن ٿيون، زمين صرف زرعي ۽ اقتصادي ڪمن لاءِ ڏئي سگهجي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.