ڊالر جي حساب سان پنهنجو معاوضو وڌائيندي آهيان:اداڪارا نور ظفر خان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اڀرندڙ اداڪارا نور ظفر خان چيو آهي ته مهانگائي جي ڪري هوءَ به پنهنجو معاوضو ڊالر جو قدر وڌڻ جي حساب سان وڌائيندي آهي.
اداڪارا نور ظفر خان مشهور اداڪارا سارا خان جي ننڍي ڀيڻ آهي ۽ هيل تائين هوءَ ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ڪم ڪري چڪي آهي.
نور ظفر خان وڏي ڀيٽ سارا خان جي ڀيٽ ۾ اسڪرين ۾ گھٽ نظر ايندي آهي ۽ هن پاڻ به اعتراف ڪيو ته هوءَ عام طور تي سال ۾ هڪ ئي ڊرامو ڪندي آهي.
اداڪارا تازو ئي نجي ٽي وي چينل جي شو ۾ شرڪت ڪئي جتي هن شوبز سميت ٻين معاملن تي کُلي ڪري ڳالهايو.
اداڪارا موجب کيس گھڻو ڪري اهڙن ئي ڪردارن جي آڇ ٿيندي آهي، جنهن جي ڪري هوءَ ڪوشش ڪندي آهي هر هر هڪ جهڙو روپ نه ڌاري.
هن چيو ته سندس ڪوشش هوندي آهي ته هر ڀيري هن کي اڳ کان انوکي ۽ نئين ڪردار جي آڇ ٿئي، ان ڪري عام طور تي هوءَ اسڪرپٽ کي رد ڪري ڇڏيندي آهي ۽ ڊرامن ۾ ڪم ناهي ڪندي.
نور ظفر خان جو چوڻ هو ته هوءَ سال ۾ هڪ ئي ڊرامو ڪندي آهي جنهن ۾ سندس ڪردار اڳ جي ڪردار کان مختلف ۽ سٺو هوندو آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو کيس ته ڪيترائي ڀيرا هن کي پنهنجي وڏي ڀيڻ سارا علي خان به ڪردار جي آڇ ڪئي،جڏهن سارا خان کي آڇ ٿي هن هدايت ڪارن کي کيس ڪاسٽ ڪرڻ جي تجويز ڏني.
اداڪارا ٻڌايو ته هوءَ وڏي ڀيڻ سارا خان کان ڊرامن ۾ ڪردارن بابت مشورا ۽ مدد وٺندي آهي.
شادي بابت پڇيل سوال جي جواب تي نور ظفر خان جو چوڻ هو ته هوءَ رڳو ان شخص سان شادي ڪندي جيڪو هن سان پيار ڪري ۽ سندس خيال رکي، هن لاءِ ڄاڻايل شخص جو گلوڪار يا ادڪار هجڻ معنيٰ نٿو رکي.
معاوضي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ اداڪارا ٻڌايو ته مهانگائي جي حساب سان هوءَ ڊالر جو قدر وڌڻ جي حساب سان پنهنجو معاوضو به وڌائيندي آهي.
نور ظفر خان جو چوڻ هو ته جيئن جيئن ڊالر جو ريٽ ۽ مهانگائي وڌندي آهي هوءَ به پنهنجو معاوضو وڌائي ڇڏيندي آهي، پر هن اهو نه بڌايو ته هوءَ ڪيترو معاوضو وصول ڪندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.