ڏاڏي جو تعلق ڀارت سان پوٽو ڄائو انگلينڊ ۾ کيڏندو پاڪستان لاءِ!

فٽبال جي عالمي تنظيم ( فيفا ) برطانوي ڄائي پاڪستاني فٽبالر اوٽس خان کي پاڪستان جي نمائندگي جي اجازت ڏئي ڇڏي.
فيفا اوٽس خان جي شهريت واري تڪرار سبب کيس کيڏڻ کان روڪي ڇڏيو هو پر هاڻ کيس پاڪستان جي نمائندگي جي اجازت ملي وئي آهي جڏهن ته ايشين فٽبال ڪنفيڊريشن به اوٽس کي پاڪستان ٽيم طرفان کيڏڻ لاءِ ڪليئر قرار ڏنو آهي.
فيفا مان ڪليئرنس ملڻ کانپوءِ اوٽس خان ورلڊ ڪپ ڪواليفائر ٽو ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو.
اوٽس شهريت تڪرار سبب رائونڊ ون جي ميچ مس ڪئي هئي.
فيفا طرفان اوٽس خان جي ڏاڏي جي نئين دهلي ۾ پيدائش جي بنياد تي سندس پاڪستاني شهريت تي سوال اُٿاريو ويو هو.
نئين دهلي ۾ پيدائش پاڪستان ٺهڻ کان اڳ هئي، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اوٽس خان جو خاندان فيصل آباد منتقل ٿي ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.