رشميڪا کان پوءِ ڪترينا جي به غير اخلاقي تصوير وائرل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) تامل فلمن جي اداڪارا رشميڪا مندانا کان پوءِ هاڻي بالي ووڊ ڪوئين ڪترينا ڪيف جي غير اخلاقي ڊيپ فيڪ (جعلي) تصوير وائرل ٿي وئي آهي.
رشميڪا مندانا جي هڪ غير اخلاقي جعلي وڊيو ڀارتي فلم انڊسٽري کي حيران ڪري ڇڏيو جڏهن ته اداڪارا پاڻ پنهنجي جعلي وڊيو سبب گھڻي ڊڄي وئي آهي، ڀارت ۾ اڃا رشميڪا جي جعلي وڊيو تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو پئي ويو ته ان دوران بالي ووڊ اسٽار ڪترينا ڪيف جي به غير اخلاقي جعلي تصوير منظر عام تي اچي وئي آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب بالي ووڊ جي نئين ايندڙ فلم ”ٽائيگر 3“ جي هڪ سين مان ڪترينا ڪيف جي تصوير کي ڊيپ فيڪ (جعلي) تصوير ۾ تبديل ڪري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيو ويو آهي.
اصل تصوير ۾ بالي ووڊ اسٽار ٽائيگر 3 فلم جي هڪ سين ۾ اسسٽنٽ وومين سان وڙهي رهي آهي، پر سوشل ميڊيا تي وائرل جعلي تصوير ۾ ڪترينا ڪيف جي لباس کي تبديل ڪندي غير اخلاقي انداز ۾ ڏيکاريو ويو آهي.

After Rashmika Mandanna, Katrina Kaif's Deepfake photo from 'Tiger 3' goes  viral; fans call it 'very shameful act' | Hindi Movie News - Times of India
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڪترينا ڪيف جي تصوير کي هٿرادو ذهانت واري ٽولز جو استعمال ڪندي تبديل ڪيو ويو آهي، جيڪو وڊيوز ۽ تصويرن ۾ ڪنهن به انسان جي چهري کي تبديل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.