ميڪسويل جي اڪيلي سر مڙسي، افغانين جي وات مان گرهه کسي ورتائين

ممبئي (ويب ڊيسڪ) گلين ميڪسويل جي شاندار اننگز کي مدد سان آسٽريليا افغانستان کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ممبئي جي وانکڊي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ورلڊ ڪپ جي 39هين ميچ ۾ آسٽريليا 292 رنسن جو هدف 47هين اوور ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو.
آسٽريلوي بيٽنگ لائن افغانستان خلاف اننگز جي شروعات کان ڏکيائين جو شڪار رهي ۽ 91 رنسن تي 7 وڪيٽون ڪِري پيون.
ڊيوڊ وارنر 18، مچل مارش 24، لبوشين 14، اسٽوئنس 6، مچل اسٽارڪ 3 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته ٽريوس هيڊ ۽ جوش انگلس کاتو ئي نه کوليو.
ان کانپوءِ گلين ميڪسويل اننگز جي ڪمان سنڀالي ۽ ڪپتان پيٽ ڪمنز سندس ڀرپور ساٿ ڏنو، ٻنهي اٺين وڪيٽ لاءِ رڪارڊ 202 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي.
ميڪسويل 10 ڇڪن ۽ 21 چوڪن جي مدد سان 128 بالن تي ناقابل شڪست 201 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته ڪپتان پيٽ ڪمنز 68 بالن تي 12 رنسون ٺاهي سندس ڀرپور ساٿ ڏنو.
افغانستان طرفان نوين الحق، عظمت الله عمر زئي ۽ راشد خان 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون.
ان کان اڳ افغانستان ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 291 رنسون ٺاهيون.
ابراهيم زادران 129 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، راشد خان 35، رحمت شاهه 30، حشمت الله شاهدي 26، عضمت الله 22، رحمان الله گرباز 21، محمد نبي 12 رنسون ٺاهيون.
آسٽريليا جي هيزل ووڊ 2، اسٽارڪ، ميڪسويل ۽ زمپا هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.