پي سي بي توصيف احمد کي چيف سليڪٽر مقرر ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) اڳوڻي ڪرڪيٽر توصيف احمد کي عبوري چيف سليڪٽر مقرر ڪري ڇڏيو.
پي سي بي طرفان جاري ڪيل بيان موجب اڳوڻي ڪرڪيٽر وجاهت الله واسطي کي جونيئر سليڪشن ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي.
توصيف احمد جي قيادت ۾ سليڪشن ڪميٽي جي پهرين اسائنمينٽ آسٽريليا جي دوري لاءِ ٽيم جي چونڊ آهي.
واضح رهي ته توصيف احمد ۽ وجاهت الله واسطي ٻئي سليڪشن ڪميٽي جا ميمبر آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.