عورت ئي عورت جي سڀ کان وڏي دشمن آهي:ماڊل ماها اسحاق

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تازو ئي بهترين ماڊل جو اعزاز ماڻيندڙ پاڪستان ماڊل ماها اسحاق جو چوڻ آهي ته عورت جي سڀ کان وڏي دشمن عورت ئي آهي.
هڪ نجي خابرو اداري سان ڳالهائيندي ماها اسحاق جو چوڻ هو ته فيمينزم ۽ عورت مارچ وغيرا مردن جي خلاف ٿيندا هئا، هاڻ کيس محسوس ٿيندو آهي ته عورت ئي عورت جي سڀ کان وڏي دشمن آهي.
هن چيو ته عورتون ئي ٻين عورتن لاءِ معيار مقرر ڪنديون آهن، اسان جون سس، ننهر، چاچيون، ماميون چونديون آهن ته ڇوڪري هينئن هجي، ڊگھي هجڻ گھرجي، رنگ هينئن هجي، هيتري تعليم هجي، ان کان گھٽ نه يا ان کان وڌيڪ نه.
هن چيو ته پهريان اهو ته ڪريو ته هڪ ڇوڪري پنهنجي گھر ۾ آرام ۽ مطمئن محسوس ڪري ان کان پوءِ ڇا پائڻو آهي ۽ ڇا نه ان جو معاملو اچي ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.