نواز شريف ڪوئيٽا ويندو، اهم شخصيتون ن ليگ ۾ شموليت لاءِ تيار!

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ قائد نواز شريف امڪاني طور ايندڙ هفتي ڪوئيٽا جو دورو ڪندو.
ذريعن موجب نواز شريف 13 نومبر تي ڪوئيٽا پهچندو، دوري دوران هو پارٽي ۾ شامل ٿيندڙ اليڪٽبلز سان ملاقات ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات کانپوءِ اڳوڻي صوبائي ۽ قومي اسيمبلي ميمبر باضابطا طور ن ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪندا.
ذريعن موجب نواز شريف جي دوري جو حتمي فيصلو 11 نومبر تي جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.