تيل ۽ گيهه جي اگهن بابت اهم خبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ کاڄرو تيل ۽ گيهه جي اگهن ۾ ماهوار بنيادن تي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
ڳڻپ کاتي طرفان جاري ڪيل ماهوار رپورٽ موجب آڪٽوبر مهيني ۾ ملڪ ۾ هڪ ليٽر سرنهن جي تيل جي سراسري ريٽيل قيمت 512.60 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا سيپٽمبر جي ڀيٽ ۾ 2.40 سيڪڙو گهٽ آهي.
سيپٽمبر ۾ هڪ ليٽر سرنهن جي تيل جي سراسري ريٽيل قيمت 525.18 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي هئي.
اهڙي ريت 5 ليٽر ڊالڊا ڪوڪنگ آئل جي آڪٽوبر ۾ سراسري قيمت 2 هزار 928.87 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا سيپٽمبر جي ڀيٽ ۾ 1.62 سيڪڙو گهٽ آهي.
سيپٽمبر ۾ 5 ليٽر ڊالڊا ڪوڪنگ آئل جي سراسري ريٽيل قيمت 2 هزار 977.17 رپيا هئي.
سيپٽمبر ۾ 2.5 ڪلو گرام ڊالڊا گيهه جي سراسري ريٽيل قيمت 1404.80 رپيا هئي، هڪ ڪلو بناسپتي گيهه جي آڪٽوبر ۾ سراسري ريٽيل قيمت 534.92 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا سيپٽمبر جي ڀيٽ ۾ 1.75 سيڪڙو گهٽ آهي، سيپٽمبر ۾ هڪ ڪلو بناسپتي گيهه جي سراسري ريٽيل قيمت 544.44 رپيا هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.