سون سستو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ سون جي اگهه ۾ 200 رپين جي لاٿ ٿي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 200 رپيا لاٿ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 14 هزار رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 172 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 83 هزار 477 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون 15 ڊالر گهٽجڻ سان هڪ هزار 968 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.