آءِ سي سي پليئر آف دي منٿ لاءِ نامزدگين جو اعلان

دبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي آڪٽوبر لاءِ مينز پليئر آف دي منٿ جي نامزدگين جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڏکڻ آفريقي اوپنر ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ، نيوزيلينڊ جي راچن رويندرا ۽ ڀارتي فاسٽ بالر جسپريت بمرا کي پليئر آف دي منٿ لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.
ڊي ڪوڪ آڪٽوبر مهيني ۾ ورلڊ ڪپ دوران 3 سينچرين جي مدد سان 431 رنسون ٺاهيون، نيوزيلينڊ جي راچن رويندرا ٻن سينچرين جي مدد سان 406 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ڀارتي فاسٽ بالر جسپريت بمرا 14 وڪيٽون حاصل ڪيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.