آڊيو ليڪس ڪيس، وزيراعظم آفيس ايجنسين جي معاملن ۾ مداخلت ناهي ڪندي: عدالت ۾ جواب داخل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آڊيو ليڪس ڪيس ۾ وزيراعظم آفيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائيندي چيو آهي ته شهرين جي ٽيليفونڪ گفتگو رڪارڊ ڪرڻ لاءِ ليگل فريم ورڪ موجود آهي، وزيراعظم آفيس انٽيليجنس ايجنسين جي روز جي حساس معاملن ۾مداخلت ناهي ڪندي، ائين ڪرڻ قومي سلامتي جي مفاد ۾ ناهي.
وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري عدالتي سوالن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ لکت جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عدالت سوال پڇيو هو ته ڪهڙي ايجنسي وٽ شهرين جي گفتگو رڪارڊ ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي؟
جواب ۾ چيو ويو آهي ته انويسٽيگيشن فار فيئر ٽرائل ايڪٽ 2013 شهرين جي گفتگو رڪارڊ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو مڪينزم فراهم ڪري ٿو، وزيراعظم آفيس جو انٽيليجنس ايجنسين جي ڪم ۽ آپريشنز جي تفصيل ۾ وڃڻ ملڪ جي اندروني ۽ ٻاهرين خطرن کان بچائيندڙ انٽيليجنس ايجنسين جي مفاد ۾ ناهي.
لکت جواب ۾ چيو ويو آهي ته شهرين جي قانون موجب رڪارڊ ڪيل گفتگو کي ڳجهو رکڻ ۽ ليڪ ٿيڻ کان روڪڻ يقيني بڻائڻ ضروري آهي، ان ڳالهه کي به يقيني بڻائڻ ضروري آهي ته رڪارڊ ڪيل گفتگو کي ڪنهن ٻئي مقصد لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي، ٽيلي گراف ايڪٽ 1885 ۾ به پيغام پڙهڻ لاءِ وفاقي يا صوبائي حڪومت کان اجازت لازمي قرار ڏني وئي آهي، پيڪا آرڊيننس ۽ رولز تحت به حاصل ڪيل ڊيٽا يا رڪارڊ کي ڳجهو رکڻ لازمي آهي.
عدالت سوال پڇيو ته شهرين جي گفتگو ڪنهن رڪارڊ ۽ ليڪ ڪئي؟ جاچ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا؟ لکت جواب ۾ چيو ويو ته شهرين جي ٽيليفون تي ڪيل گفتگو رڪارڊ ڪري ليڪ ڪرڻ جو معاملو وفاقي حڪومت جي علم ۾ آهي، وفاقي حڪومت سينيئر ججن تي ٻڌل اعليٰ سطحي انڪوائري ڪميشن قائم ڪئي، انڪوائري ڪميشن ليڪ ڪيل آڊيوز تصديقي هجڻ بابت جاچ ڪندي.
واضح رهي ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ نجم الثاقب آڊيو ليڪس معاملي تي پارلياماني ڪميٽي، جڏهن ته بشريٰ بي بي توشا خانا تحفن بابت ذلفي بخاري سان گفتگو جي آڊيو ليڪ ٿيڻ تي ايف آءِ اي ۾ طلبي جي نوٽيس کي چئلينج ڪيو آهي.
عدالت پٽيشنرز کي طلب ڪرڻ وارا نوٽيس معطل ڪري ڪيس 11 ڊسمبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.