پ پ ليول پليئنگ فيلڊ جي پِٽڪي بدران اليڪشن فيلڊ ۾ اچي: ن ليگ

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته پ پ وارا ليول پليئنگ فيلڊ جو پٽڻو نه پٽين، اليڪشن جي فيلڊ ۾ اچن، هڪ پاسي چون ٿا ته ليول پليئنگ فيلڊ ناهي ۽ وري چون ٿا ته ڪلين سوئيپ ڪنداسين.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته ن ليگ جي چونڊ مهم شروع ٿي چڪي آهي، ليول پليئنگ فيلڊ جو هاڻ کان ئي پٽڪو ظاهر ڪري ٿو ته عوام 21 آڪٽوبر تي نواز شريف جي حق ۾ فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي.
هن چيو ته پي ڊي ايم اتحاد اڄ به قائم آهي، ملڪي مسئلن لاءِ سڀني کي گڏ ٿيڻو پوندو، پ پ ليول پليئنگ فيلڊ جو پٽڪو نه ڪري ۽ اليڪشن جي فيلڊ ۾ اچي، پ پ هڪ پاسي چئي ٿي ته ليول پليئنگ فيلڊ ناهي ۽ ٻئي پاسي چئي ٿي ته اسان ڪلين سوئيپ ڪنداسين، سڀئي جماعتون چونڊن جي تياري ڪن.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪو ملڪي حالتون تبديل ڪري سگهي ٿو ته اهو نواز شريف آهي، اسان نواز شريف جي قيادت مان ملڪ مان مهانگائي ختم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، اسان سياست نه ملڪ کي بچايو، عوام کي بچايو، ن ليگ اڪيلي جماعت آهي جيڪا چونڊن لاءِ تيار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.