ڪيترن ئي ماڻهن کي نَڪ جي الرجي جو مسئلو هوندو آهي، جيڪو ظاهري طور ته عام ڳالهه هجي ٿو پر جيڪڏهن ڌيان نه ڏجي ته اهو خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو، اڄ اسان نَڪ جي هڪ مسئلي سائنوس الرجي بابت ٻڌائينداسين ته ان جون ڪهڙيون علامتون ۽ احتياط آهن.
سائنوس الرجي کي نَڪ جي سوڄ يا موسمي بخار به چيو ويندو آهي اها هڪ اهڙي حالت آهي جنهن جي ڪري نَڪ جي مختلف حصن ۾ سوڄ ۽ ساڙو پيدا ٿيندو آهي. ۽ اهو سڀ ڪجهه ان وقت ٿيندو آهي جڏهن توهان جو مدافعتي نظام الرجين نالي ڪجهه مادن تي گهڻو رد عمل ظاهر ڪري ٿو. جهڙوڪ هوا ۾ اڏندڙ ڪُتُ، دَز مِٽي، پالتو جانورن جي خشڪي يا وري ڪجهه کاڌي پيتي جون شيون. اهي سڀ شيون جسم ۾ هسٽامين ۽ ٻين ڪيميڪلز کي نيڪال ڪنديون آهن جنهن جي سائنوس الرجي ٿئي ٿي يا وري ان جون علامتون ظاهر ٿينديون آهن.