مرتضيٰ وهاب صدر يوسي 13 جو چيئرمين چونڊجي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب صدر جي يوسي 13 جو چيئرمين چونڊجي ويو.

ڪراچي جي پنجن ضلعن ۾ اڄ چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ وارڊ ميمبرز جي 10 سيٽن تي مڪاني چونڊ لاءِ پولنگ ٿي.

پولنگ صبح جو 8 وڳي کان شام جو 5 وڳي تائين وقفي کانسواءِ جاري رهي. ووٽن جي ڳڻپ کانپوءِ نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي.

صدر جي يوسي 13 جي مڪمل غير سرڪاري غير حتمي نتيجن موجب چيئرمين جي سيٽ تي پ پ جو مرتضيٰ وهاب 3976 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو.

جماعت اسلامي جي اميدوار نور السلام 1566 ووٽ حاصل ڪيا، مرتضيٰ وهاب جي ڪاميابي بعد ڪارڪنن جشن ملهايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.