ڀوائتيون فلمون ڏسڻ جا صحت لاءِ بهترين فائدا!

هارر فلم ڏسڻ سان دل جو ڌڙڪو تيز ٿي ويندو آهي رت ڄمڻ لڳندو آهي، پر اهو صحت لاءِ فائديمند هوندو آهي.
اها دلچسپ دعويٰ اسٽاڪلينڊ ۾ ٿيل هڪ تحقيق مان سامهون آئي آهي.
ڪوئين مارگريٽ يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته هارر فلمون ڏسندي اسان جو دماغ ڊباءَ ۾ گھٽتائي آڻڻ لاءِ طاقتور ڪيميڪلز خارج ڪندو آهي.
تحقيق موجب اينڊرائڊ ۽ ڊوپامائن جهڙا ڪيميڪلز دٻاءَ ۾ گھٽتائي آڻڻ سان گڏوگڏ خوشي جو احساس وڌائيندا آهن، جنهن سان تڪليف برداشت ڪرڻ جي صلاحيت بهتر هوندي آهي.
محققن موجب ڊپ يا تجسس جي حوالي سان جسم ردعمل ظاهر ڪندي دٻاءُ وڌائيندڙ هارمونز بڻائڻ جو عمل تيز ڪندو آهي جنهن سان دل جو ڌڙڪو تيز ٿي ويندو آهي ۽ ڌيان ڏيڻ ۾ مدد ملندي آهي.
هنن چيو ته ان سان گڏوگڏ دماغ به ڪيميڪلز خارج ڪندو آهي ته جيئن جسم گھڻي دٻاءَ جو شڪار نه ٿئي جنهن سان سلم جي پڄاڻي تي خوشي ۽ جوش جو احساس ٿيندو آهي.
ماهرن جو چوڻ هو ته هارر فلمن سان ماڻهو محفوظ طريقي سان پنهنجي خوف کي جاچي سگھن ٿا ڇو جو فلمن ۾ خوف جو احساس وڌائيندڙ عنصر حقيقي زندگي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سادا هوندا هوندا آهن.
محققن موجب اهڙيءَ طرح اسان کي حقيقي زندگي ۾ ناڪاري جذبا ڪنٽرول ڪرڻ ۽ ڊپ يا دٻاءَ خلاف مزاحمت ۾ مدد ملندي آهي.
ڪجهه عرصو اڳ برطانيا جي ويسٽ منسٽر يونيورسٽي جي هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو هو ته ڀوائتيون فلم ڏسڻ جي عادت سان جسماني وزن ۾ گھٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي.
تحقيق موجب 90 منٽن جي هڪ فلم ڏسڻ سان سراسري طور تي 113 ڪيلوريز سڙنديون آهن ۽ جيڪڏهن 30 منٽان تائين پنڌ ڪيو وڃي تڏهن به ايتريون ڪيلوريز ساڙڻ ممڪن آهي.
تحقيق موجب فلم جيترو ڀوائتي هوندي ڪيلوريز سڙڻ جو مقدار به اوترو ئي وڌيڪ هوندو.
ان تحقيق ۾ 10 ڄڻن کي شامل ڪيو ويو هو ۽ محققن دريافت ڪيو ته هارر فلم ڏسندي ماڻهن جي دل جو ڌڙڪو تيز ٿي ويندو آهي، آڪسيجن جي وڌيڪ مقدار جسم جي اندر ڇڪجڻ لڳندو آهي جڏهن ته ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جو وڌيڪ مقدار خار ڪندا آهن.
ڊيڄاري ڇڏيندڙ منظر گھڻن ماڻهن کي رڙيون يا ڇرڪڻ ڀرڻ تي به مجبور ڪري ڇڏينديون آهن، ڊپ ۽ انزائٽي جو اهو دٻاءُ بک دٻائڻ سان گڏوگڏ ميٽابولزم کي تيز ڪري ڇڏيندو آهي.
تحقيق دوران ماڻهن کي 10 فلمون ڏيکاريون ويون ۽ دريافت ڪيو ويو ته ڊپ جي شدت وڌڻ سان نبض تيز هلڻ لڳي ۽ جسم ۾ رت تيزي سان گردش ڪرڻ لڳو، جنهن سان اهڙا هارمون خارج ٿيو جيڪو ڪيلوريز ساڙڻ ۾ مدد فراهم ڪندو آهي.
تحقيق موجب ان حوالي سان هالي ووڊ جي هارر فلم دي Shining بهترين آهي جنهن کي ڏسڻ سان 184 ڪيلوريز سڙنديون آهن جڏهن ته Jawsکي ڏسڻ تي 161 ۽ دي Exorcist کي ڏسڻ سان 158 ڪيلوريز سڙهنديون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.