ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مذهبي اسڪالر مولانا طارق جميل پنهنجي پٽ عاصم جميل جي موت کي شهادت جو موت قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
هلندڙ هفتي سيني ۾ گولي هڻي حياتي جو انت آڻيندڙ عاصم جميل جي موت مولانا طارق جميل کي جذباتي ڪيو ۽ اهو بيان وائرل ٿيو آهي.
ڊپريشن جو شڪارعاصم جميل ننڍپڻ کان ئي ذهني مرض ۾ مبتلا هو ۽ دوائن جوا ستعمال ڪندوهو.
تنهن بعد عاصم جميل گهر ۾ مقرر سيڪيورٽي گارڊ کان هٿيار وٺي حياتي جو انت آندو هو.
سوشل ميڊيا واهپيدارن اسلامي ماحول ۽ ديندار گهراڻي جي فرد جي آپگهات تي اعتراض ڪيا ته ڊپريشن ۽ آپگهات اسلام کان پري هجڻ جي ڪري هوندو آهي.
تنهن بعد مولانا جميل عاصم جيموت کي شهادت جو موت قرار ڏيندي چيو ته منهنجو پٽ اڪثر چوندو هو ته بابا دعا ڪريو ته مان مري وڃان ڇو ته هي زندگي بس هڪ دوکو آهي مون تي دنيا جي حقيقت کلي وئي آهي ۽ هي رهڻ جي جاءِ ناهي، الله جي واسطي سندس موت کي آپگهات جو نالو نه ڏيو، اهو ته شهادت جو موت آهي ۽ منهنجو پٽ شهيد آهي.
View this post on Instagram