لاهور (ويب ڊيسڪ) استحڪام پاڪستان پارٽي جي اطلاعات سيڪريٽري فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اسان جو منشور خيرات نه مراعتن تي ٻڌل آهي.
پنهنجي بيان ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اسان جي جلسن جي ڪاميابين تنقيد ڪندڙن جا وات بند ڪري ڇڏيا آهن، آءِ پي پي منفرد ۽ عمل جوڳو منشور پيش ڪيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته فوج جي بهادر ثپوتن ميانوالي ايئربيس تي حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو، سڄي قوم پنهنجي جوانن کي ڀيٽا پيش ڪري ٿي ۽ پنهنجي فوج سان گڏ بيٺي آهي.
You might also like