فخر زمان لاءِ 10 لک رپيا انعام جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين ذڪا اشرف فخر زمان لاءِ 10 لک رپيا انعام جو اعلان ڪري ڇڏيو.
فخر زمان بينگلور ۾ نيوزيلينڊ خلاف 126 رنسن جي اننگز کيڏي پاڪستان جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ميچ کانپوءِ ذڪا اشرف فون تي فخر زمان سان ڳالهايو ۽ سندس جارحاڻي اننگز جي تعريف ڪئي.
ذڪا اشرف ايندڙ ميچن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو اميد ته توهان اڳتي به اهڙي راند کيڏندئو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.