”سوچيو به نه هو 400 رنسون ٺاهي هارائي وينداسين“

بينگلور (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ڪين وليمسن، فخر زمان ۽ بابر اعظم جي تعريف ڪندي چيو آهي سوچيو به نه هو ته 400 رنسون ٺاهي هارائي وينداسين.
بينگلور ۾ پاڪستان هٿان شڪست کانپوءِ ڳالهائيندي ڪين وليمسن چيو ته پاڪستاني ٽاپ آرڊر جيئن بيٽنگ ڪئي ته اهي 400 رنسون ٺاهي وڃن ها.
واضح رهي ته پاڪستان اهم ميچ ۾ ڊڪ ورٿ لوئس ميٿڊ تحت نيوزيلينڊ کي 21 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
نيوزيلينڊ طرفان مليل 402 رنسن جي هدف پويان پاڪستان 26هين اوور ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 200 رنسون ٺاهيون ته برسات شروع ٿي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.