پاڪستاني اڇي چمڙي لاءِ چريا آهن: شائستا لوڌي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽي وي ميزبان، اداڪارا ۽ اسڪن اسپيشلسٽ ڊاڪٽر شائستا لوڌي چيو آهي ته پاڪستاني ڀوري رنگ لاءِ چريا هوندا آهن.

هن چيو ته وٽس اهڙيون عورتون اينديون آهن جيڪي چونديون آهن ته هو ڀوريون ٿيڻ چاهين ٿيون جڏهن ته هو اڳ ئي ڀوريون هونديون آهن.

هڪ شو ۾ هن انڪشاف ڪيو ته کوڙ مداح سندس ڪلينڪ تي رڳو کيس ڏسڻ لاءِ ايندا آهن پر جڏهن هو مريض بڻجي ايندا آهن ته هو ڪجهه چئي ناهن سگهندا ۽ پوءِ خبر پوندي آهي ته هو رڳو مون سان ملڻ لاءِ فيس ادا ڪري آيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.