اٽي جو نئون سرڪاري اگهه مقرر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪمشنر ڪراچي کنڊ بعد اٽي جا سرڪاري اگهه به مقرر ڪري ڇڏيا آهن.

نوٽيفڪيشن موجب اڍائي نمبر راشن جي اٽي جو هول سيل اگهه 123 رپيا، فائن اٽي ۽ ميدي جو ايڪس مل ريٽ 130 ريٽيل ۾ هڪ 148 رپيا في ڪلو مقرر ڪيو ويو.

ننڍين چڪين جي هڪ نمبر چڪي اٽي جو اگهه في ڪلو 140 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي.

ڪمشنر موجب اٽي جي اگهن ۾ 5 کان 10 رپيا في ڪلو رليف ڏنو ويو آهي.

سرڪاري اگهن تي عمل نه ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.