ڪارن جي اگهن ۾ ٻيون ڀيرو 20 لک رپين تائين گهٽتائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊالر جي ڀيٽ رپئي جو اگهه بهتر ٿيڻ بعد ڪيا پاڪستان پهرين مقامي ڪارساز ڪمپني هئي جنهن پنهنجي گاڏين جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪئي.

هاڻي هن ڪمپني طرفان ٻيون ڀيرو اگهن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي.

ڪمپني پنهنجي گاڏين سورينٽو ۽ ڪارنيول جي اگهن ۾ 20 لک 91 هزار رپين تائين گهٽتائي ڪئي آهي.

سورينٽو 2.4 ليٽر فور وهيل ڊرائيو جي اگهه ۾ 16 لک هڪ هزار رپيا گهٽتائي ڪئي وئي جنهن سان هن گاڏي جو نئون اگهه 91 لک 99 هزار ٿي ويو آهي.

سورنيٽو 2.4 ليٽر آل وهيل ڊرائيو جو اگهه 19 لک 51 هزار رپيا گهٽتائي بعد 92 لک 49 هزار رپيا ۽ سورنيٽو 3.5 ليٽر فور وهيل ڊرائيو جو اگهه 20 لک 91 هزار رپيا گهٽتائي سان 96 لک 99 هزار رپيا ٿي ويو آهي.

اهڙي ريت ڪارنيول ايگزيڪٽو جو اگهه 11 لک رپيا لاٿ بعد هڪ ڪروڙ 60 لک رپيا ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.